انور سيال

انور سيال

انور سيال

انور سيال: مشهور صحافي انور سيال 4 جنوري 1947ع تي ڳوٺ سيد حاجي ابراهيم شاهه (ويجهو بڇيري ريلوي اسٽيشن) ۾ محمد بخش سيال جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول ۾ حاصل ڪرڻ کانپوءِ، وڌيڪ تعليم لاءِ نواب شاهه آيو، جتي ڊي. سي هاءِ اسڪول نوابشاهه ۾، ايڇ. ايم خواجا صاحب جي رهنمائيءَ ۾ تعليم حاصل ڪيائين. گريجوئيشن سچل سرمست ڪاليج، نواب شاهه مان ڪيائين. هن جمهوريت جي بحالي ۽ ون يونٽ خلاف تحريڪن ۾ ڀرپور حصو ورتو. نواب شاهه ۾ ’هلال پاڪستان‘ جو نمائندو رهيو ۽ بعد ۾ ان ئي اخبار جي ڪراچي آفيس ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪيائين. ان کانپوءِ روزاني ’آفتاب‘ حيدرآباد ۾ سينئر سب ايڊيٽر طور ڪم ڪيائين. شروعاتي دور ۾ هن ڪيترائي مضمون لکيا.
سال 1978ع ۾ فوجي ڊڪٽيٽر جنرل ضياءِ الحق خلاف سڄي ملڪ ۾ تحريڪ هلي، جنهن ۾ صحافين به ڀرپور حصو ورتو ۽ ان تحريڪ دوران انور سيال سميت پنجن صحافين کي گرفتار ڪري کين ڦٽڪا هنيا ويا هئا. انهيءَ تحريڪ کي زنده رکڻ لاءِ، تحريڪ جي اڳواڻن جي چوڻ تي، پس منظر ۾ رهي، وڏي جدوجهد ڪيائين.
انور سيال، حيدرآباد پريس ڪلب جو سينئر ميمبر آهي ۽ هن وقت ريٽائرڊ زندگي گذاري رهيو آهي.


لفظ انور سيالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

04.01.1947  عيسوي

انور سيال 4 جنوري 1947ع تي ڳوٺ سيد حاجي ابراهيم شاهه ( ويجهو بڇيري ريلوي اسٽيشن ) ۾ محمد بخش سيال جي گهر ۾ جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ مومل
پاويل جوڻيجو
حبيب ميربحر
توخته بيگ
ڪيف غزنوي
بالميڪي/والميڪي
ڀاسڪر آچاريه
بلوچ ناصر
برڪت علي چوهاڻ
اعجاز سمون
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون